سليم مگسي

سليم مگسي

سليم مگسي

سليم مگسي: ڪهاڻيڪار سليم مگسي ولد محمد مومن مگسي، 10 آڪٽوبر 1965ع تي ڳوٺ سوڀي مگسيءَ، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ حسن ٻيلي، ضلعي گھوٽڪيءَ مان حاصل ڪئي، ان بعد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڌڻ مان، انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
فطري لاڙن ۽ صحبت جي ڪري ڊي. ايس. ايف (ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن) جو سوشل سيڪريٽري رهيو. سياست سان گڏ ترقي پسند ادب جي مطالعي دوران ٻاهرين اديبن- گورڪي، ٽالسٽاءِ، دوستو وسڪي، ڪرشن چندر، سعادت حسين منٽو، خليل جبران، قرات العين حيدر، سارتر ۽ سنڌي ادب ۾ نورالهدى شاهه، ماڻڪ، امر جليل ۽ موهن ڪلپنا جي تحريرن کان متاثر هو.
1999ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، عبرت مئگزن ۽ روزاني عوامي آواز ۾سندس مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون، ’گوري‘ عنوان سان سندس هڪ ڪهاڻيءَ مقبوليت ماڻي. سندس ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ’پياسو دريا، پياسا ماڻهو‘، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ، 2000ع ۾ شايع ڪرايو. سندس ڪهاڻيون عبرت مئگزن ۾ مسلسل ڇپجنديون رهيون آهن. سليم مگسي سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو لڳاتار چار سال سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو جوائنٽ سيڪريٽري رهي چڪو آهي. عملي طور تي اصول پرست شخص آهي. هن وقت هاءِ ويز ڊپارٽمينٽ ۾ سينئر ڪلارڪ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ سليم مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.10.10  عيسوي

ڪهاڻيڪار سليم مگسي ولد محمد مومن مگسي، 10 آڪٽوبر 1965ع تي ڳوٺ سوڀي مگسيءَ، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اول شاهه ۽ جمن شاهه
شيخ عبدالرئوف
جوڻيجو عبدالرحيم
اسحاق ابڙو ڊاڪٽر
رانڪ ميان قبول محمد ڪلهوڙو
مخدوم ساهڙ لنجار
تيرٿ سڀاڻي
شاهه رخ مرزا ترخان
بيگم حسن آرا
جارج-5
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون